ضلعو نوشهروفيروز تاريخ جي آئيني ۾

ضلعو نوشهروفيروز تاريخ جي آئيني ۾

ضلعو نوشهروفيروز تاريخ جي آئيني ۾

ضلعو نوشهروفيروز (تاريخ جي آئيني ۾) (ڪتاب): ضلعي نوشهروفيروز جي تاريخ تي مشتمل هيءَ ڪتاب مختلف محققن، اديبن جي تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي، جنهن کي اسلم عباسي مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 25 تحقيقي مقالا آهن، مقالا نگارن ۾: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، عبدالغفار صديقي، اي. ڪي. سيد، محمد طالب ڀرٽ، ثاقب سومرو، ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو، محمد الياس سومرو، بخش علي چانڊيو، محمد عثمان عباسي، رکيل مورائي، ڊاڪٽر رفيق منڱريو، عظيم سنڌي، جبار ملاح، عبدالله جيسر، ڊاڪٽر محمد ادريس، الطاف حسين جوکيو، ڊاڪٽر حامد علي خانائي، محمد پنهل ڏهر، خانزاده سميع الوري، مقصود احمد قاضي، پروفيسر شمشاد سومرو، مولانا سليم الله سومرو، آزاد قاضي، ڊاڪٽر هدايت پريم ۽ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو قابل ذڪر آهن. هن ڪتاب ۾ ‘پبلشر پاران نوٽ’ ۽ مرتب جو رايو پڻ شامل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڊاڪٽر سيف الله جويي جو نوشهري فيروز بابت انگريزيءَ ۾ مضمون ڏنل آهي. 364 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي نوشهروفيروز سيمينار ڪاميٽي، 2007ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 400 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو